بختاور خان ملڪ

بختاور خان، ملڪ: خان ملڪ'>بختاور خان ملڪ اصل لاڙڪاڻي جو هو ۽ سيويءَ جو حاڪم هو. شڪارپور وارو پاسو به انهيءَ سان هو. جڏهن ميان يارمحمد ڪلهوڙو شڪارپور تي ڪاهي آيو، تڏهن بختاور خان ڀڄي شهزادي محمد معزالدين وٽ ملتان ۾ ويو، شهزادي سندس پرڳڻي ۾ وڃڻ گهريو، پر هن نٽايو، تنهن تي شهزادي هن سان وڙهي کيس مارايو ۽ پوءِ سگهوئي سندس ڀاءُ ملڪ الهه بخش کي سيويءَ جو حاڪم ڪيائين.


لفظ بختاور خان ملڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو